حيدرآباد ۾ آل پاڪستان انٽر بورڊ ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) آل پاڪستان انٽر بورڊ ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چوٿين ڏينهن ميزبان حيدرآباد بورڊ جي ٽيم کي شڪست، پشاور، مالاڪنڊ ۽ ڪراچي باءِ جي ٽيمن جي ڪاميابي. تفصيل مطابق گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ تي ٿيل ميچ ۾ پشاور پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ حيدرآباد جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهي سگهي، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي گرائونڊ تي کيڏيل ميچن ۾ مالاڪنڊ جي ٽيم ڪراچي بورڊ جي ٽيم کي 3 رنسن تان شڪست ڏني، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪراچي باءِ جي ٽيم مردان کي 68 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *