جيڪا ٽيم ايڊليڊ گرائونڊ جو فائدو کڻندي ڪوارٽر فائنل کٽي ويندي: مصباح الحق

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز)آئرلينڊ خلاف آخري پول ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن ئي ميدان ۾ قومي ٽيم آسٽريليا خلاف ڪوارٽر فائنل ميچ کيڏيندي، مصباح الحق جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايڊليڊ گرائونڊ ۾ 2 ميچون کيڏي چڪي آهي جڏهن ته ٽيم کي گرائونڊ جي ڪنڊيشن ۽ پچ جو گهڻي حد تائين اندازو به آهي، هن چيو ته ٻئي طرف ايڊليڊ گرائونڊ آسٽريليا جو هوم گرائونڊ آهي ۽ آسٽريليا کي ان جو به گهڻي حد تائين فائدو پهچي سگهي ٿو، مصباح الحق جو چوڻ هو ته جيڪا ٽيم ميچ ۾ سٺي راند پيش ڪندي اها ئي ان ميچ جي فاتح هوندي جڏهن ته پاڪستان ٽيم آسٽريليا کي ان جوبه گهڻي حد تائين فائدو پهچي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *