جنيد خان فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪام، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جو فاسٽ بالر جنيد خان فٽنيس ٽيسٽ ۾ ناڪامي کانپوءِ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کان ٻاهر ٿي ويو آهي جنيد خان کي گذريل سيريز دوران فٽنيس مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو هو ۽ هو ميچ دوران گرائونڊ مان ٻاهر اچي ويو هو جنيد خان اڄ هڪ ڀيرو ٻيه رپي سي بي جي چوڻ تي فٽنيس ٽيسٽ ڏني پر هو ڀرپور فٽنيس جو مظاهرو نه ڪري سگهيو جنهن جي بنياد تي ان کي مڪمل آرام جو مشورو ڏئي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي قومي ٽيم وٽ هن وقت صرف بلاول ڀٽي ۽ وهاب رياض جي صورت ۾ 2 فاسٽ بالر بچيا آهن جڏهن ته سعيد اجمل پابندي سبب ٽيم مان ٻاهر آهي ۽ محمد حفيظ به آءِ سي سي جي پابندي سبب ميگا ايونٽ ۾ بالنگ کان محروم رهندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *