جنيد خان جي گوڏي جي هڏيءَ ۾ ڏار جو انڪشاف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر جنيد خان جو زخم خراب صورت اختيار ڪري ويو آهي. سندس گوڏي جي هڏيءَ ۾ ڏار جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ڪري هو ڊگھي وقت تائين ڪرڪيٽ کان پري رهندو، جنيد خان شارجا ۾ پريڪٽس سيشن دوران زخمي ٿيو هو، جنهن ڪري کيس آسٽريليا خلاف ون ڊي ۽ پوءِ ٽيسٽ ميچن کان ٻاهر ڪيو ويو هو، انجريءَ جو شڪار جنيد ۽ وهاب رياض اڄ ڪلهه پي سي بي جي اسپورٽس ميڊيسن جنرل مينيجر ڊاڪٽر سهيل سليم جي نگرانيءَ هيٺ آهن، ڊاڪٽر سليم ٻڌايو ته جنيد جي تازو ڪيل ايم آر آءِ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سندس گوڏي جي هڏيءَ ۾ ڏار آهي، جنيد جون رپورٽون هڏين جي ويجھن سرجنن سان گڏوگڏ ٻاهرين ملڪ جي ڊاڪٽرن کي به موڪليون آهن، انهن جو جواب اچڻ کان پوءِ اڳتي جو لائحه عمل طئه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *