ثانيه مرزا چائنا اوپن ٽينس ويمنز ڊبلز جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو

Sania-Mirza-8بيجنگ (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس رانديگرياڻي ثانيه مرزا چائنا اوپن ٽينس ويمنز ڊبلز جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو آهي. چين ۾ هلندڙ ايونٽ ۾ ڀارت جي ثانيه مرزا ۽ سندس زمبابوي جي ساٿياڻي ڪارا بليڪ جو مقابلو ڊيلڪورا ۽ ريمينڊ سان ٿيڻو هو، مخالف جوڙيءَ جي هڪ رانديگرياڻيءَ جي ان فٽ ٿيڻ سبب ٻئين رائونڊ جو ميچ نه ٿي سگھيو، جنهن ڪري مرزا ۽ ان جي ساٿياڻي ڪارا بليڪ کي واڪ اوور ملي ويو ۽ ڀارت زمبابوين جوڙي ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *