سينٽ لوشيا(اسپورٽس نيوز)ويسٽ انڊيز جو اسپن بالر سنيل نارائڻ تڪراري بالنگ ايڪشن سبب ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ شموليت تان دستبرداري جو اعلان ڪر يڇڏيو ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته نارائڻ ڪرڪي ۾ باقاعده واپسي لاءِ پهريان پنهنجو بالنگ ايڪشن صحيح ٿيڻ بابت اعتماد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ياد رهي ته سنيل نارائڻ تي آءِ سي سي رفان اڃان تائين ڪابه پابندي لاڳو ناهي ڪئي وئي پر ان جو بالنگ ايڪشن ٻيهر رپورٽ ڪيو ويو آهي.