تماشائين جي گھٽ سرگرميءَ جي ڪري ليگ جي گورننگ ڪائونسل ليگ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) چيمپئنز ٽي ٽوئنٽي ليگ جي ڇهن سيزنن ۾ تماشائين جي گھٽ سرگرميءَ جي ڪري ليگ جي گورننگ ڪائونسل ليگ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪرڪ انفو موجب ليگ جي گورننگ ڪائونسل ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ، آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جا ڪرڪيٽ بورڊ شامل آهن. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته تماشائن جي گھٽ گرمجوشي کي نظر ۾ رکندي ٽورنامينت کي ختم ڪرڻ ئي بهتر فيصلو هو. چيمپئنز ٽي ٽوئنٽي ليگ جو ستون سيزن هِن سال سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ کيڏيو وڃي ها. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري انوراڳ ٺاڪر چيو ته هي هڪ ڏکيو فيصلو هو. چيمپئنز ٽرافي ٽي ٽوئنٽي ليگ ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي جيئن ڀارت جي آءِ پي ايل، آسٽريليا جي بگ بيش ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ريم سليم کي هڪ نئون رخ ڏنو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سڄي دنيا جي رانديگرن لاءِ پنهنجو نئون ٽيلينٽ ڏيکارڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم هو. پر ان ۾ تماشائين جي اها دلچسپي ڏسڻ ۾ نه آئي جنهن جي اميد هئي. هي فيصلو اسان پنهنجي ڪمرشل پارٽنرن سان گڏجي ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *