تلڪرتني دلشان ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ سري لنڪا طرفان وڏي اننگز کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو

ميلبورن(اسپورٽس نيوز) تلڪرتني دلشان ورلڊ ڪپ جي مقابلن ۾ سري لنڪا طرفان وڏي اننگز کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. هن اهو ڪارنامو گذريل ڏينهن بنگلاديش خلاف ميچ ۾ 161 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي حاصل ڪيو.38 سالن جي تلڪ رتني دلشان بنگلاديشي بالرن کي خوب ڊوڙايو ۽ گرائونڊ جي چئني طرف شاندار اسٽروڪ کيڏيا. هن 146 بالن کي منهن ڏيندي 161 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جنهن ۾ 22 چوڪا شامل هئا، اها سندس ڪيريئر بيسٽ اننگز ۽ 21 هين سينچري آهي. اهڙي ريت هو ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ وڏي اننگز کيڏندڙ سري لنڪا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ اهو اعزاز اڳوڻي ڪپتان اروندا ڊي سلوا وٽ هو جنهن 1996ع جي عالمي ڪپ ۾ 145 رنسن جي اننگز کيڏي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *