بي سي سي آءِ ورڪنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس (اڄ) ٿيندو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ٽيم جي اوچتي ڀارت جي دوري تان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا(بي سي سي آءِ ) ورڪنگ ڪميٽي جو هنگامي اجلاس (اڄ) 21 آڪٽوبر تي حيدرآباد (دکن) ۾ طلب ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز ٽيم بورڊ ۽ ويسٽ انڊيز پليئر ايسوسيئيشن سان ادائيگين جي ڍانچي جي حوالي سان جاري تڪرار سبب 17 آڪٽوبر تي ڀارت جي دوري تان دستبرداري جو اعلان ڪيو هو. بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا ان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بورڊ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور لاءِ اهو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز ٽيم جي اوچتي دوري تان دستبردار ٿيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *