بين الصوبائي انڊر 16 گرلز جوڊو چيمپئن شپ 11 مئي کان شروع ٿيندي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) بين الصوبائي انڊر 16 گرلز جوڊو چيمپئن شپ 11 مئي کان اسپورٽس ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي. اسلام اباد اسپورٽس بورڊ جي سيڪريٽري اصغر نيازي ٻڌايو ته چيمپئن سپ ۾ 8 ٽيمون شرڪت ڪنديون، جن ۾ پنجاب، خيبر پختونخواه، سنڌ، بلوچستان، اسلام آباد، آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا شامل آهن. هن چيو ته چيمپئن شپ ۾ شرڪت لاءِ ٽيمن جا رانديگر 10 مئي تي اسلام آباد پهچندا ۽ مئنيجرز ميٽنگ 10 مئي جي شام جو ٿيندي جنهن ۾ ڊراز ۽ چيمپئن سپ جي قانونن بابت آگاهه ڪيو ويندو ۽ اها چيمپئن سپ 13 مئي تائين جاري رهندي ۽ ميزباني جو فرض اسلام آباد اسپورٽس بورڊ انجام ڏيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *