بنگلاديش کي گرين شرٽس خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل

ميرپور (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي (سڀاڻي) اربع تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي، بنگلاديش جي ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-2  جي سرسي حاصل آهي، بنگلاديش پاڪستان کي پهريون ڀيرو ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي تاريخ قائم ڪئي آهي، بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ واحد ٽي – 20 ميچ 24 اپريل تي ساڳي جاءِ تي کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين کلنا ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 6 مئي تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *