لاهور(اسپورٽس نيوز) قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري تربيتي ڪيمپ ۾ رانديگرن ڪوچ وقار يونس جي نگراني هيٺ ڀرپور انداز ۾ ايڪشن ۾ نظر آيا صهيب مقصود جي جاءِ تي ون ڊي اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهيندڙ سعد نسيم به ٽريننگ ڪيمپ کي جوائن ڪري ورتو آهي ٽريننگ سيشن ۾ قومي پليئرز بيٽنگ ۽ بالنگ جون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ محنت ڪئي بالرن جي معاونت لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو هيڊ ڪوچ محمد اڪرم به ڪيمپ ۾ موجود هو.