باڪسر عامر خان پشاور ۾ نشانو بڻيل اسڪول لاءِ پنهنجن نيڪرن جي هڪ جوڙي جو عطيو ڏئي ڇڏيو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) باڪسر عامر خان طالبان هٿان پشاور ۾ نشانو بڻيل اسڪول لاءِ پنهنجن نيڪرن جي هڪ جوڙي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ مطابق پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته انهن نيڪرن جي قيمت 30 هزار پائونڊ آهي ۽ انهن ۾ 24 قيراط سون جو ڌاڳو استعمال ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ پيغام ۾ عامر خان پشاور ۾ پيش آيل واقعي تي شديد ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته کيس احساس آهي ته دهشگردي جو نشانو بڻيل ٻارن جا والدين ڪيڏي ڪرب مان گذري رهيا هوندا. هن چيو ته هن تباهه ٿيل اسڪول جي نئين سر تعمير ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي انتظامن ۾ اضافي لاءِ اهو عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *