اڄ گروپ بي جون ٽيمون يو اي اي ۽ زمبابوي نيلسن ۾ آمهون سامهون ٿينديون

نيلسن (اسپورٽس نيوز) يارهين آءِ سي سي ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي هڪ هڪ مئچ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ اڄ خميس ڏينهن کيڏجندڙ مئچ ۾ گروپ بي جون ٽيمون يو اي اي ۽ زمبابوي نيلسن ۾ آمهون سامهون ٿينديون، پاڪستاني وقت مطابق اها مئچ صبح سوير 3 وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ ۾ سڀاڻي جمعي ڏينهن به هڪ مئچ کيڏي ويندي جنهن ۾ گروپ اي ۾ شامل ٽيمون نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ويلنگٽن ۾ کيڏنديون. اها مئچ به پاڪستاني وقت مطابق صبح سوير ٽي وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ جي مين رائونڊ جو پهريون ڪوارٽر فائينل م ئچ 18 مارچ تي ۽ ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائينل مئچ 24 مارچ تي ايڊن پارڪ، آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ميگا ايونٽ جي ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ فائينل مئچ 29 مارچ تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *