ايشين گيمز: مردن جي ڪوڏي ڪوڏي ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ بنگلاديش خلاف کيڏندو

انچيون (اسپورٽيس نيوز) ايشين گيمز ج45013-KabaddiPhotoAPP-1352138167-266-640x480ي مردن جي ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻي ميچ اڄ سومر ڏينهن بنگلاديش خلاف کيڏندو، قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ ٿائلينڊ کي شڪست ڏئي چڪي آهي، مردن جي ڪوڏي ڪوڏي ايونٽ ۾ اڄ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، گروپ اي جي پهرين ميچ ۾ ڀارت ۽ ٿائيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جا رانديگر زور آزمائيندا. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ ٿائلينڊ کي 30-51 تان شڪست ڏئي چڪو آهي، ايونٽ ۾ اڱاري ڏينهن وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ ايران ۽ ڏکڻ ڪوريا جڏهن ته ٽئين ميچ جاپان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *