ايشين جونيئر ٽيم ايونٽ اسڪوائش چيمپيئن شپ جي چونڊ لاءِ رانديگرن جا ٽرائلز ”اڄ“ شروع ٿيندا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي اهتمام هيٺ ايشين جونيئر ٽيم ايونٽ اسڪوائش چيمپيئن شپ لاءِ ٽيم جي چونڊ لاءِ رانديگرن جا ٽرائلز اڄ خميس تي پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس جي مصحف علي اسڪواش ڪمپليڪس ۾ شروع ٿيندا. پاڪستان اسپورٽس جي اختيارين مطابق ٽرائل ۾ 8 رانديگرن کي گهرايو ويو آهي. جڏهن ته رانديگرن جي ٽرائل جو انچارج فهيم گل آهي جيڪو رانديگرن جو ٽرائل وٺندو. اختيارين مطابق چئن ڏينهن جي ٽرائل کان پوءِ 5 رانديگرن کي چونڊيو ويندو. واضح رهي ته ايشين جونيئر ٽيم ايونٽ اسڪوائش چيمپيئن شپ ايندر سال 28 جنوري کان 2 فيبروي تائين ملائيشيا جي شهر ڪولالمپور ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *