ايشون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 وڪيٽون ۽ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ نائون ڀارتي آل رائونڊر بڻجي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر روي چندرن ايشون ٽيسٽ ميچن ۾ ڪيريئر جون هڪ هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون،ايشون ٽيسٽ ميچن ۾ 100 وڪيٽون ۽ هڪ هزار رنسون مڪمل ڪندڙ نائون ڀارتي ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي، ايشون آسٽريليا خلاف جاري آخري ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 50 رنسون ٺاهي اهو اعزاز حاصل ڪيو، سڊني ۾ آسٽريليا خلاف جاري آخري ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ايشون بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ شاندار ففٽي مڪمل ڪئي، هن ففٽي ٺاهڻ سان پنهنجون هزار رنسون به مڪمل ڪيون، ايشون کان اڳ مان ڪيڊ، ڪپيل ديو، روي شاستري، انيل ڪمبلي، سريناٿ، هرڀجن سنگهه، ظهير خان ۽ عرفان پٺاڻ به اهو ڪارنامو سرانجام ڏئي چڪا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *