ايترو پوڙو ناهيان ٿيو جو رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيان: ايم ايس ڌوني

سڊني(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني جو چوڻ آهي ته ايندڙ ورلڊ ڪپ تائين راند جاري رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو اڃان ڪرڻو آهي جڏهن ته ايترو پوڙو ناهيان ٿيو جو رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪريان،سڊني جي ٻئين سيمي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مهندر سنگهه ڌوني جو چوڻ هو ته 329 هڪ وڏو هدف هو جنهن جو پيڇو ڪندڙ ڪابه ٽيم دٻاءُ ۾ هوندي آهي جڏهن ته ٻئين اننگز ۾ بال ريورس سوئنگ ٿيڻ شروع ٿي ويو هو، هن چيو ته آسٽريلوي بالنگ لائن بهترين راند پيش ڪئي ۽ سيمي فائنل ۾ اسان جي شڪست مايوس ڪندڙ آهي پر راند کٽڻ هارائڻ جو حصو آهي. ڌوني جو چوڻ هو ته رانديگر ميڊيا جي ڳالهين جو اثر نه وٺندا آهن جڏهن ته ايندڙ ورلڊ ڪپ تائين راند جاري رکڻي آهي يا نه ان جو فيصلو اڃان ڪرڻو آهي جڏهن ته ايترو پوڙهو ناهيان ٿيو جو رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪريان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *