انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽوئر ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز)انگلينڊ ۽ سريلنڪا جي اي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين وارم اپ ميچ (اڄ) جمعي تي سنهاليز اسپورٽس ڪلب گرائونڊڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، انگلش ٽيم اڄڪلهه سريلنڪا ۾ موجود آهي جتي هوءَ 7 ون ڊي ميچن جي سريز کيڏندي. انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي وارم اپ ميچ 23 نومبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي سريز جي پهرين ميچ 26 نومبر تي آپريما داسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي ميچ 29 نومبر تي ڪولمبو، ٽئين 3 ڊسمبر تي همبنٽوٽا، چوٿين 7 ڊسمبر تي ڪولمبو، پنجين ۽ ڇهين ون ڊي ترتيبوار 10 ۽ 30 ڊسمبر تي لي ڪيلي جڏهن ته ستين ۽ آخري ون ڊي 16 ڊسمبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *