انڊين پريميئر ليگ ۾ گھوٻين جي جاچ,سري نواسن آجو قرار

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ۾ گھوٻين جي جاچ ڪندڙ هڪ ڪميٽيءَ سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل هڪ تازي رپورٽ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين نارائن سوامي سري نواسن کي آجو قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ 2013ع ۾ آءِ پي ايل ۾ غير قانوني سَٽي بازي جي جاچ کي شفاف بڻائڻ لاءِ بي سي سي آءِ جي سربراهه سري نواسن کي ذميواريون ادا ڪرڻ کان روڪيو هو، اسڪينڊل ۾ سري نواسن جو نياڻو گروناٿ مياپن تي به الزام لڳا هئا، ڪميشن طرفان جمع ڪرايل نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هو سٽي بازي يا فڪسنگ ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي هن جاچ کي روڪڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي، آءِ پي ايل فرنچائز چنائي سپر ڪنگ جي عهديدار مياپن کي گذريل سال ممبئي پوليس مبينا سٽي بازيءَ جي الزام ۾ مئي مهيني ۾ گرفتار ڪيو هو، پر ٻن هفتن کان پوءِ هو ضمانت تي آزاد ٿي ويو هو. ياد رهي ته انڊيا ۾ رڳو گھوڙن جي ڊوڙ تي قانوني سٽي بازي ڪري سگجي ٿي، جولاءِ ۾ آءِ سي سي جو چيئرمين بڻجندڙ سري نوانس کي ڪرڪيٽ جو طاقتور شخصيت سمجھيو ويندو آهي ۽ چنائي سپر ڪنگز ۽انڊيا سيمينٽ سندس ملڪيت آهن.ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 24 نومبر تي ٿيندي، اميد ڪئي پئي وڃي ته نئين رپورٽ بعد سري نوانس هڪ ڀيرو ٻيهر بي سي سي آءِ جو سربراهه بڻجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *