انٽر ڊائريڪٽوريٽ اسڪولز بوائز هاڪي چيمپيئن شپ ۾ اڄ وڌيڪ چئن ميچن جو فيصلو ٿيندو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)فيڊرل بورڊ آف انٽر ميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي انتظام هيٺ فيڊرل بورڊ انٽر ڊائريڪٽوريٽ اسڪولز بوائز هاڪي چيمپيئن شپ جون وڌيڪ چار ميچون اڄ اربع تي پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ کيڏيون وينديون. چيمپيئن شپ ۾ فيڊرل بورڊ سان لاڳاپيل 9 مختلف اسڪولن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. چيمپيئن شپ جا سيمي فائينل مقابلا 11 ڊسمبر جڏهن ته فائينل ۽ ٽين پوزيشن جا مقابلا 12 ڊسمبر تي کيڏيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *