افغان بيٽسمين سميع الله شنواري جي اسڪاٽ لينڊ خلاف ڪيريئر جي بهترين اننگ

ڊونيڊن(اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين سميع الله شنواري اسڪاٽ لينڊ خلاف ميچ ۾ ڪيريئر جي بهترين اننگ کيڏي ۽ 96 رنسن جي بهترين اننگز کيڏندي ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بدقسمتيءَ سان هو 4 رنسن جي فرق سان ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن ڊونيڊن ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغان بيٽسمين سميع الله 96 رنسن تي 7 وڪيٽون آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ذميواري بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. 5 ڇڪن ۽ 4 چؤڪن جي مدد سان 96 رنسون جي شاندار اننگ کيڏي افغانستان کي تاريخي ڪاميابي ڏياري. هن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *