اعجاز شاهد عالمي باڪسر محمد وسيم احمد کي 7 لک رپيا ماليت جو باڪسنگ جو سامان ۽ 50 هزار رپين جو چيڪ ڏنو

ڪوئيٽا(اسپورٽس نيوز) فرنٽيئر ڪانسٽيبلري بلوچستان جي انسپيڪٽر جنرل ميجر جنرل اعجاز شاهد بين الاقوامي باڪسر محمد وسيم احمد کي سندس ڪلب لاءِ 7 لک رپيا ماليت جو باڪسنگ جو سامان حوالي ڪيو. اربع ڏينهن ايف سي هيڊڪوارٽر بلوچستان ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ميجر جنرل اعجاز شاهد عالمي باڪسر محمد وسيم احمد کي 50 هزار رپين جو چيڪ پڻ ڏنو. يوٿ ڪلب ڪوئيٽا جي ڪوچ عطا محمد ڪاڪڙ، برگيڊيئر طاهر محمود، ڪرنل اختر ۽ ڪرنل احسان الاهي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي آءِ جي ايف سي بلوچستان چيو ته محمد وسيم احمد پاڪستان جي نالي کي روشن ڪيو آهي جنهن تي اسان کي مٿس فخر آهي. هن چيو ته محمد وسيم احمد جي ڪامن ويلٿ گيمز تان واپسي کان فوري پوءِ ڪجهه مهينا اڳ اسان سندس درخواست تي يوٿ ڪلب ڪوئيٽا کي باڪسنگ جو سامان فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن محمد وسيم احمد ڪامن ويلٿ گيمز ۾ سونو ٻلو کٽي ها ته کيس ايف سي طرفان ڏهوڻ تي انعام ڏنا وڃن ها. هن ايف سي طرفان يوٿ ڪلب لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *