اسڪائش ٽيم جو ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کٽڻ جو خواب حقيقت ۾ تبديل نه ٿي سگهيو

ڊونيڊن(اسپورٽس نيوز) سميع الله شنواري جي بهترين ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ افغانستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسڪاٽ لينڊ کي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي پول اي جي ٽئين مي ۾ هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. سميع الله کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. افغانستان جي ايونٽ ۾ پنهنجي پول اي جي پهرين ٻن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ اها پهرين ڪاميابي آهي. سميع الله 96 رنسون ٺاهيون. اسڪائش بالرن پڻ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو پر ان جي باوجود به اسڪائش ٽيم جو ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کٽڻ جو خواب حقيقت نه بڻجي سگهيو. افغانستان جي ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورز ۾ 210 رنسون ٺاهي افغانستان جي ٽيم کي 211 جو هدف ڏنو جيڪو افغان ٽيم 49.3 اوورز ۾ حاصل ڪري ورتو ۽ اسڪائش ٽيم جو ميگا ايونٽ ۾ پهرين ميچ کٽڻ جو خواب حقيقت ۾ تبديل نه ٿي سگهيو. افغانستان جي ٽيم جي سميع الله شنواري کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *