اسد شفيق ۽ سرفراز احمد وچ ۾ ڇهين وڪيٽ تي 100 رنسن جي تيز ترين ڀائيواري قائم

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين اسد شفيق ۽ سرفراز احمد آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ ڇهين وڪيٽ تي 100 رنسن کان وڌيڪ ٽين تيز ترين ڀائيواري قائم ڪئي آهي. ٻنهي بيٽسمينن آسٽريليا خلاف ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ اهو اعزاز حاصل ڪيو. پاڪستان طرفان ڇهين وڪيٽ ۾ تيز ترين ڀائيواريءَ جو رڪارڊ شاهد آفريدي ۽ ڪامران اڪمل وٽ آهي. دبئي ۾ آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ اسد شفيق ۽ سرفراز احمد شاندار ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. ٻنهي بيٽسمينن 128 بالن تي 124 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. ان دوران ٻنهي بيٽسمينن پنهنجون پنهنجون ففٽيون اسڪور ڪيون. سرفراز احمد 109 ۽ اسد شفيق 89 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *