اسد شفيق جي ڇڪي ٽيسٽ ميچ ۾ گھڻن ڇڪن جوعالمي رڪارڊ جوڙي ڇڏيو

شارجا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏيل آخري ٽيسٽ ميچ دوران پاڪستاني بيٽسمين اسد شفيق ڇڪو هنيو ته اهو ميچ جو 28 هون ڇڪو هو جنهن سان گڏ ئي ٽيسٽ ۾ گھڻن ڇڪن جوعالمي رڪارڊ جڙي ويو، ميچ ۾ گڏيل طور 29 ڇڪا لڳا جنهن ۾ نيوزيلينڊ طرفان 22 هنيا ويا، نيوزيلينڊ طرفان ڊبل سينچري ٺاهيندڙ ڪپتان بريڊن ميڪ ڪولم 11 ڇڪا هنيا، پاڪستان پهرين اننگ ۾ 5 ڇڪا هنيا، جڏهن ته ٻي اننگ ۾ اسد شفيق ڇڪو هڻي ٽيسٽ ۾ گھڻن ڇڪن جو عالمي رڪارڊ ٺاهيو، ان کان اڳ ٽيسٽ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ 27 ڇڪا 2006ع ۾ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ فيصل آباد ۾ کيڏيل ٽيسٽ ۾ لڳا هئا. ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان خلاف پهرين اننگ ۾ 690 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي هئي جو به ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور آهي. ان کان اڳ نيوزيلينڊ هلندڙ سال ويلنگٽن ۾ هندستان خلاف 680 رنسون 8 رانديگر آئوٽ تي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي جيڪو به ٽيسٽ اننگ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *