اسان جي فيلڊنگ ڪنهن دوا سان نه پر محنت سان ٺيڪ ٿيندي: محمد حفيظ

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ چيو آهي ته هينئر ٽيم جو مسئلو نمبرز نه پر آءِ سي سي رينڪنگ آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته رانديگرن جي فيلڊنگ ڪنهن دوا سان نه پر محنت ڪرڻ سان ٺيڪ ٿيندي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد حفيظ چيو ته بالنگ ايڪشن کي آءِ سي سي جي قانونن مطابق بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ عوام جي دعائن سان ڪليئر ڪري وٺندس جڏهن ته بالنگ ۾ ڪا نئين شئي سکر ڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، بالنگ جيئن اڳ هئي هاڻ به اهائي آهي ۽ ڪڏهن دوسرا، تيسرا يا ڇوٿا جي پريڪٽس ناهي ڪئي، هن چيو ته گذريل ڪجهه عرصي ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن پنهنجي راند کي بهتر ڪيو ۽ بنگلاديش دوري ۾ ٽيم اتحاد سان گڏ بهتر نتيجا ڏيندي فيلڊنگ ۽ بالنگ ۾ بهتري لاءِ نوجوان رانديگرن سان گڏ محنت ڪري رهيو آهيان جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ڪابه اهڙي دوا ناهي جيڪا پليئرز کي کارايون ۽ انهن جي فيلڊنگ ٺيڪ ٿي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *