آمريڪن آئس هاڪي ، نيويارڪ رينجرز جي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

شڪاگو(اسپورٽس نيوز) آمريڪن آئس هاڪي ليگ ۾ نيويارڪ رينجرز جي ٽيم شڪاگو بليڪ هاڪس کي سڊن ڊيٿ تي  ٻڙي هڪ تان شڪست ڏئي ڇڏي، شڪاگو ۾ کيڏي وئي آئس هاڪي ليگ جي ميچ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، ميچ مقرر وقت تائين بغير ڪنهن گول جي برابر ٿي، ميچ جو فيصلو وڌيڪ وقت ۾ ٿيو، اضافي وقت ختم ٿيڻ تائين صرف 32 سيڪنڊ پهرين نيويارڪ ٽيم جي رانديگر ڊيرڪ براسرڊ شاندار گول ڪيو، ايئن ئي رينجرز کي سخت مقابلي کان پوءِ بليڪ هاڪس جي خلاف سڊن ڊيٿ تان ٻڙي هڪ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، ان فتح کان پوءِ نيويارڪ  رينجرز جي ٽيم 87 پوائنٽون ٺاهي ليگ ۾ پهرين پوزيشن تي قبضو  ڄمائي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *