آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وومينز جي وچ ۾ چوٿين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) کيڏي ويندي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ آخري ميچ (اڄ) اڱاري تي بريڊ مين اوول ۾ کيڏي ويندي. ان کان پهرئين آسٽريلوي وومين ٽيم چئن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي ۽ آسٽريليا کي سيريز ۾ 0-3 جي مجموعي سرسي حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل چئن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کان 3 وڪيٽن تان کٽي هئي، ٻي ميچ ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي 53 رنسن تان هارائي ۽ ٽين ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ 0-3 جي ڪاميابي حاصل ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *