آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وومينز جي وچ ۾ ٽئين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ (سڀاڻي) کيڏي ويندي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ (سڀاڻي) آچر تي کيڏي ويندي. ان کان پهرئين آسٽريلوي وومينٽ ٽيم چئن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي ۽ آسٽريليا کي سيريز ۾ 0-2 جي مجموعي سرسي حاصل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل چئن ون ڊين ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کان 3 وڪيٽن تان کٽي هئي، ٻي ميچ ۾ آسٽريليا ويسٽ انڊيز کي 53 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 0-2 جي ڪاميابي حاصل ڪئي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ۽ آخري ون ڊي ميچ 18 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *