آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽرائنگيولر ڪرڪيٽ سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) کيڏي ويندي

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽرائنگيولر سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) جمعي تي سڊني ڪرڪيٽ گرائوند ۾ کيڏي ويندي. ٽرائنگيولر سيريز ۾ آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون حصووٺي رهيون آهن. سيريز جي ٻين ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 18 جنوري تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندي. ٽين ميچ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ 20 جنوري تي برسبين ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ 23 جنوري تي هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. پنجين ميچ آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 26 جنوري تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي. سيريز جي ڇهين ميچ انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ 30 جنوري تي پرٿ جي هنڌ تي کيڏي ويندي. سيريز جي فائينل ميچ ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين فيبروري تي پرٿ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *