آسٽريليا کي ٻين ميچ ۾ پڻ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪنداسين؛ مصباح الحق

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ميچ اڄ خميس کان شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪينگروز کي وڏي مارجن 221 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتان ۽ سينئر بيٽسمين مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا کي ٻين ميچ ۾ پڻ شڪست ڏئي سيريز ڪلين سوئپ ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *