آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: مصباح الحق

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته آسٽريليا جي خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ سمورن رانديگرن کي 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي دبئي جي وڪيٽ ٻين وڪيٽن کان مختلف آهن آسٽريليا جي خلاف سيريز ۾ فارم ۾ واپسي لاءِ پراميد آهيان دبئي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته جيڪڏهن سينيئر رانديگر بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته ٽيم جي ڪارڪردگي تي وڏو فرق پوي ٿو. دبئي جي وڪيٽ ٻين وڪيٽن کان مختلف آهي ۽ بال به بيٽ تي اچي رهيو آهي. آسٽريليا جي خلاف سيريز ۾ فارم ۾ واپسي لاءِ پراميد آهيان سندس چوڻ هو ته آسٽريليا خلاف اسپنر کي پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ڇو ته دبئي جي وڪيٽ اسپنر لاءِ سازگار آهي سمورن رانديگرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ ٽيسٽ سيريز ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *