آسٽريليا خلاف ميچ کٽڻ لاءِ جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي: سرفراز احمد

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد چيو آهي ته آسٽريليا خلاف ڪوارٽر فائنل ميچ کٽن لاءِ اسان کي مثبت ۽ جارحاڻي راند کيڏڻي پوندي، ايڊليڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ميچ هميشه سخت ثابت ٿي آهي جڏهن ته هوم گرائونڊ تي کيڏڻ ۽ ورلڊ ڪپ ٽائيٽل لاءِ فيوريٽ سمجهي وڃڻ سبب ميچ ۾ وڌيڪ دٻاءُ آسٽريليا تي هوندو جنهن جو فائدو کڻندي اسان کي مثبت ۽ جارحاڻي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي هن چيو ته آسٽريليا جو بالنگ اٽيڪ وڌيڪ مضبوط آهي جڏهن ته جيڪڏهن انهن وٽ ليفٽ هينڊ کان بالنگ ڪرائيندڙ پيس اٽيڪ موجود آهي ته اسان وٽ به وهاب رياض ۽ راحت علي جهڙا ليفٽ آرم فاسٽ بالرز آهن جن جي مدد سان سٺي پريڪٽس ٿي رهي آهي جڏهن ته مچل اسٽارڪ کي کيڏڻ جو جيستائين تعلق آهي ته مان ان کي گڏيل عرب امارات ۾ هڪ ميچ ۾ کيڏي چڪو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *