آءِ پي ايل: ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز ۽ دهلي ڊيئر ڊيولز جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ (اڄ) سومر تي واحد ميچ ۾ دفاعي چيمپين ڪولڪته نائيٽ رائيڊر ۽ دهلي ڊيئر ڊيولز جون ٽيمون فيروز شاهه ڪوٽله دهلي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، آءِ پي ايل -8 جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڀارت ۾ جاري آهن، ان سلسلي ۾ (اڄ) سومر تي واحد ميچ ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز ۽ دهلي ڊيئر ڊيولز وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن ايونٽ ۾ هيستائين ٻن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، بهترين رن ريٽ سبب ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز پوائنٽ ٽيبل تي ٽين ۽ دهلي ڊيئر ڊيولز چوٿين نمبر تي آهي، ليگ ۾ (سڀاڻي) اڱاري تي راجسٿان رائلز ۽ ڪنگز اليون پنجاب جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *