آءِ پي ايل جي اٺين ايڊيشن ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي

پوني(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي اٺين ايڊيشن ۾ (اڄ) اربع تي هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪنگز اليون پنجاب ۽ دهلي ڊيئر ڊيولز جي ٽيمن وچ ۾ پونا ۾ مقابلو ٿيندو. ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي جيڪا پاڪستاني وقت مطابق شام 7:30 وڳي شروع ٿيندي. ڪنگز اليون پنجاب، جاري بيلي جي اڳواڻيءَ ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته دهلي ڊيئر ڊيولز جي اڳواڻي ڏکڻ آفريڪا جو پال ڊومني ڪندو. ايونٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *