آءِ پي ايل:ممبئي انڊينز ۽ چناءِ سپر ڪنگز ۾ شاندار مقابلو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ جي پهرئين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ ڪالهه ممبئي انڊينز ۽ چناءِ سپر ڪنگز وچ ٿيل ميچ ۾ ممبئي انڊينز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽  مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 187 رنسون ٺاهيون. جنهن دوران سائمنز 65 ۽ پولارڊ 41 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته ٻين بيٽسمينن ۾ اي پٽيل 35، روهت شرما 19، پانڊي 1، راڌو 10، هربجن سنگھه 6 ۽ سوچيت سنگھه 1 رنسون ٺاهيون. چناءِ سپر ڪنگز پاران ڊي جي براوو سڀ کان ڪامياب بالر رهيو جنهن 40 رنسن عيوض 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٻين بالرن ۾ اشيش نهرا، جديجا ۽ شرما هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. چناءِ سپر ڪنگز جي شروعات سٺي نه رهي ۽ پهرين بال تي سمٿ ملنگا جو شڪار بڻيو ۽ ان ان کان پوءِ هسي به 16 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ٻنهي اوپنرن کان پوءِ ايندڙ فاف ڊو پليسي  ۽ سريش رائينا چناءِ سپر ڪنگز جي بيٽنگ لائين سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي مقابلو جاري رکيو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو جاري هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *