آءِ سي ورلڊ ڪپ؛ اڄ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ميچ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي

ڪورائسٽ(اسپورٽس نيوز) 11هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي وڌيڪ 2 ميچون کيڏيون وينديون. ان سلسلي ۾ ڇنڇر تي پهرين ميچ پول بي جي ٽيمن پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون پنهنجي پهرين پهرين ميچ ۾ شڪست جو مُنهن ڏسي چڪيون آهن. ٻنهي ٽيمن جي ڪوشش هوندي ته اهي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. ان لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو. ميچ پاڪستاني وقت مطابق صبح جو 3 وڳي شروع ٿيندي. ٻي ميچ پول اي جي ٽيمن آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ برسبين ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ميگا ايونٽ جي مين رائونڊ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ 18 مارچ تي کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل 24 مارچ تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل 26 مارچ تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ جي ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ فائنل ميچ 29 مارچ تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *