آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 14 فيبروري کان شروع ٿيندو،ڀارت

سڊني/واشنگٽن(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع 14 فيبروريءَ کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏ شروع ٿيندو، ڀارت جي ٽيمٽائٽل جو دفاع ڪندي، ميگا ايونٽ شروع ۾ 22 ڏينهن رهجي ويا. تفصيل مطابق آءِ سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2015ع ۾ ڳڻپ شروع ٿي چڪي آهي، ورلڊ ڪپ جو ميلو 13 فيبروريءَ تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو. ڀارت 2011ع ۾ منعقد ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. آءِ سي سي مطابق ڪرڪيٽ تي ايندڙ 4 سال جيڪا به ٽيم حڪمراني ڪندي ان تي انعامن جي بارش ٿيندي. سڀني ٽيمن ڪرڪيٽ جي وڏي دنگل لاءِ وڏا وڏا خواب اکڙين ۾ سمائي ڇڏيا آهن. 2015ع ۾ ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽندڙ ٽيم کي آءِ سي سي 48 لک ڊالر جي انعامي رقم ڏيندو. رنر اپ کي 25 لک، سيمي فائنلز ۾ هارائيندڙ ٽيمن کي 7 لک 66 هزار ۽ ڪوارٽر فائنلسٽ کي 3 لک 83 هزار ڊالر ملندا. ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن کي ٻن مختلف گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپئن ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊ ڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اَي جي ٽيم سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ، انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاهي ميچ سان ٿيندي. گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سفر جي شروعات 15 فيبروريءَ تي هڪٻئي خلاف ايڊيليڊ اوول گرائونڊ ۾ ميچ سان ڪندا. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وٽ ميزبان هئڻ سبب ٽائٽل کٽڻ جو سنهري موقعو آهي پر ڏکڻ آفريڪا، پاڪستان ۽ سريلنڪا به ٽائٽل جي ڊوڙ ۾ مضموط اميدوار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *