آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع 14 فيبروري کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏ شروع ٿيندو

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع 14 فيبروري کان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏ شروع ٿيندو، ڀارت ٽائيٽل جو دفاع ڪندو، هن وقت تائين ورلڊڪپ جي ديوي آسٽريليا تي مهربان رهي آهي.ورلڊڪپ شروع ٿيڻ ۾ باقي 30 ڏينهن رهجي ويا آهن. جنهن ۾ 14 ٽيمون اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪنديون. جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، ڀارت، ڏکڻ آفريقا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات جون ٽيمون شامل آهن. پاڪستان پنهنجي ورلڊڪپ جي شروعات 15 فيبروري تي ايڊيليڊ اوول گرائونڊ م ڀارت سان ميچ کيڏي ڪندو. ميگا ايونٽ جو پهريون ڪوارٽر فائينل 18 مارچ، پهرين سيمي فائينل ميچ 24 مارچ، ٻي ميچ 26 مارچ ۽ فائينل 29 مارچ تي کيڏيو ويندو. ورلڊ ڪپ ڪرڪٽ جي دنيا ۾ هن وقت تائين آسٽريليا جي قسمت ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ اڳڀري رهي آهي. مجموعي طور تي 10 ورلڊڪپ ٿي چڪا آهن جنهن ۾ آسٽريليا 6 ڀيرا فائينل ۾ آيو 4 کٽيائين ۽ 2 هارايائين. جڏهن ته ڀارت 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو ، 2 ڀيرا کٽيو هڪ ڀيرو هارايو. اهڙي ريت ويسٽ انڊيز به 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو 2 کٽيائين ۽ هڪ هارايائين. سريلنڪا 3 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ 2 ڀيرا هارايائين. پاڪستان 2 ڀيرا فائينل ۾ آيو هڪ ڀيرو کٽيائين ۽ هڪ ڀيرو هارايائين جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 3 ڀيرا فائينل ۾ آئي آهي ۽ بدقسمتي سان هڪ به ميچ نه کٽي اٿس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *