آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع شروع ٿيڻ ۾ 94 ڏينهن رهيل

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ون ڊي ورلڊڪپ 2015ع ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي. ميگا ايونٽ منعقد ٿيڻ ۾ باقي 94 ڏينهن رهجي ويا آهن. ورلڊڪپ جو ميلو 15 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو.ڀارت جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ورلڊڪپ ڪائونٽ ڊائون جي تقريب دبئي ۾ منعقد ٿي چڪي آهي جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آستريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جون 14 ٽيمون کيڏنديون جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ 7 ٽيمون شامل آهن. گروپ اي ۾ نيوزيلينڊ. سريلنڪا، آسٽريليا، انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، افغانستان ۽ بنگلاديش. جڏهن ته گروپ بي جي ٽيمن ۾ سائوٿ آفريقا، زمبابوي، دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آئرلينڊ، ويسٽ انڊيز، يونائيٽيڊ عرب امارات شامل آهن. ٻنهي گروپن جي ٽيمن وچ ۾ ڪل 42 ميچون کيڏيون وينديون، جنهن کان پوءِ ڪوارٽر فائينل مرحلو شروع ٿيندو. ٻنهي گروپن مان ٽاپ 4-4 ٽيمون چونڊيون وينديون. جن وچ ۾ 4 ڪوارٽر فائينل کيڏيا ويندا. انهن ڪوارٽر فائينلن مان ڪي به کٽندڙ 4 ٽيمون چونڊيون وينديون جيڪي 2 سيمي فائينل کيڏنديون. ٻن سيمي فائينلن مان کٽندڙ ڪي به 2 ٽيمون پاڻ ۾ 29 مارچ آچر ڏينهن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي فائينل کيڏنديون. پهرين ميچ گروپ اي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ هيگلي اوول ڪرسٽ چرچ گرائونڊ تي ڇنڇر 14 فيبروري 2015ع تي پاڪستاني وقت مطابق شام جو 3 وڳي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *