آءِ سي سي ورلڊ ڪپ کان اڳ (اڄ) وڌيڪ ٻه وارم اپ ميچون کيڏيون وينديون

سڊني (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ (اڄ) اڱاري تي وڌيڪ ٻه وارم اپ ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ افغانستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ سڊني ۾ مقابلو ڪنديون، پاڪستان ٻين ۽ آخري وارم اپ ميچ 11 فيبروري تي انگلينڊ خلاف سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، انهيءَ ڏينهن ٻين ميچ ۾ آسٽريليا ۽ يو اي اي جون ٽيمون پڻ مقابلو ڪنديون، ٽين ميچ سريلنڪا ۽ زمبابوي وچ ۾، چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ مقابلو ٿيندو، 12 فيبروري تي پهرين ميچ بنگلاديش ۽ آئرلينڊ وچ ۾ جڏهن ته ٻين ميچ اسڪاٽ لينڊ ۽ ويسٽ انڊيز ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، 13 فيبروري تي آخري وارم اپ ميچ افغانستان ۽ يو اي اي وچ ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *