آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سليڪٽرز اڄ ڪراچي ۾ گڏ ٿيندا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) هلندڙ سال منعقد ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي جا سمورا ميبمبر (اڄ) آچر ڏينهن ڪراچي ۾ گڏ ٿيندا، چيف سليڪٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان معين خان ميڊيا کي ٻڌايو ته سليڪٽرز پينٽگيولر ڪپ ۾ شامل ميگا ايونٽ لاءِ اعلان ڪيل 30 رڪني اسڪواڊ سان گڏوگڏ هر رانديگر جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندا ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ئي ميگا ايونٽ ۾ ملڪ جي نمائندگي جو موقعو ڏنو ويندو، هن چيو ته محمد اڪرم لاهور ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رانديگرن جي بايومڪينڪس ٽيسٽ وٺڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته ڪميٽي جا ٻيا ميمبر اعجاز احمد ۽ وجاهت الله واسطي ڪراچي ۾ جوائن ڪندا، قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان مصباح الحق کان به ٽيم جي چونڊ ۾ پنهنجون تجويزون شامل ڪندا، هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي ڊگهي غور ويچار بعد ئي حتمي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان 7 جنوري تي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *