آءِ سي سي ورلڊ ڪرڪيٽ ليگ چيمپئن شپ ۾ هاليند پاپوانيوگني کي 85 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ايمسٽل وين (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ڪرڪيٽ ليگ چيمپئن شپ ۾ هاليند پاپوانيوگني کي 85 رنسن تان هارائي ڇڏيو. پاپوانيو گني جي ٽيم 297 رنسن جي ٽارگيٽ پويان 3-40 اوورن ۾ 212 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪيلا پالا جي ناقابل شڪست ففٽي هڻي ٽيم کي فتح نه ڏياري. ايمسٽل وين ۾ کيڏيل ايوينٽ جي چوٿين ميچ ۾ هاليند جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 297 رنسون ٺاهيون. ڪپتان پيٽربورن بهترين بيٽنگ ڪندي 105 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. مدثر بخاري 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. نورمن ٻِن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ پاپوانيوگني جي ٽيم گھربل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. سموري ٽيم 41 هين اوور جي ٽئي بال تي 212 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪيلا پالا جي ففٽي ناڪام ثابت ٿي. ٽم وانڊر، سيلار ۽ رپٽن ٻِن ٻِن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *