آءِ سي سي ورلڊڪپ ٽورنامينٽ 2015ع شروع ٿيڻ ۾ باقي 39 ڏينهن رهجي ويا

دبئي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊڪپ ٽورنامينٽ 2015ع شروع ٿيڻ ۾ باقي 39 ڏينهن رهجي ويا آهن. ورلڊڪپ جو ميلو 14 فيبروري تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ گڏ لڳندو. ڀارت جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. ڀارت2011ع ۾ منعقد ٿيل ميگا ايونٽ جي فائينل ۾ سريلنڪا کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ورلڊڪپ ڪائونٽ ڊائون جي 100 ڏينهن واري تقريب دبئي ۾ منعقد ٿي چڪي جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن ڀارت، پاڪستان، آسٽريليا ۽ ٻين ٽيمن جي اڳواڻن سميت آءِ سي سي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ايونٽ ۾ 14 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. انهن ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ انگلينڊ، آسٽريليا، سريلنڪا، بنگلاديش، نيوزيلينڊ، افغانستان ۽ اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته گروپ بي ۾ پاڪستان، دفاعي چيمپيئن ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز، زمبابوي، آئرلينڊ ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن. ورلڊڪپ جي شروعات 14 فيبروري تي گروپ اي جي ٽيمن سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ افتتاحي ميچ سان ٿيندي. گروپ بي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي سفر جي شروعات 15 فيبروري تي هڪ ٻئي خلاف ايڊيليڊ اول گرائونڊ ۾ ميچ سان ڪندا. ورلڊ ڪپ جون سموريون ڪوارٽر فائينل ميچون پڻ ڊي اينڊ نائيٽ هونديون. پهريون ڪوارٽر فائينل 18 مارچ تي کيڏيو ويندو. جڏهن ته ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائينل 24 مارچ تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ م کيڏيو ويندو. ۽ ٻيو سيمي فائينل 26 مارچ تي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندو. ميگا ايونٽ جو فائينل 29 مارچ تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *