آءِ سي سيءَ تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سيءَ) تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، آءِ سي سيءَ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيسٽ ميچ جي پڄاڻيءَ تي تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب سريلنڪا خلاف شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ اسد شفيق بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ ست درجا ترقي وٺي 12 هين نمبر تي جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد پنج درجا ترقي ڪري 16 نمبر تي اچي ويو آهي. ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق اڃا 9 نمبر تي آهي، جڏهن ته يونس خان هڪ درجو ترقي ڪري بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ 5 نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آءِ سي سي جي بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي اسٽيفن سمٿ پهرين، ڏکڻ آفريڪا جو اي بي ڊيوليئرز ٻئي، سريلنڪا جو ڪمار سنگاڪارا ٽئين نمبر تي موجود آهن. ٻئي طرف سريلنڪا خلاف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندڙ ياسر شاهه بالنگ رينڪنگ ۾ ڇهه درجا ترقي ڪري 14 هين، وهاب رياض 11 درجا ترقي ڪري 14 هين ذوالفقار بابر ٽي درجا ترقي ماڻي 33 هين نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو بهترين اسپنر سعيد اجمل اڃا تائين 11 هين نمبر تي آهي، عبدالرحمان 17 هين نمبر تي، جڏهن ته فاسٽ بالر جنيد خان چار درجا هيٺ ٿيڻ کان پوءِ 19 هين نمبر تي هليو ويو آهي. آءِ سي سي بالنگ رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا جو ڊيل اسٽين پهرين، انگلينڊ جو جيمز اينڊرسن ٻئي جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ٽئين نمبر تي آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *