ورلڊ بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

واشنگٽن (اين اين آءِ) ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ 30 ڪروڙ ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي. ورلڊ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي منظوري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي بورڊ ڏني. پڌرائيءَ موجب قرض ٻن مختلف منصوبن لاءِ ڏنو ويو آهي، 20 ڪروڙ ڊالر سنڌ ريزيلينس پراجيڪٽ لاءِ ڏنا ويندا، منصوبي جي رقم ٻوڏ ۽ ڏُڪار تي ضابطي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته منصوبي سان قدرتي آفتن جي حوالي سان صحت جي شعبي کي بهتر ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪورونا تي ضابطي ۾ به مدد ملندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي سالڊ ويسٽ ايمرجنسي پراجيڪٽ لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر ڏنا ويندا، جنهن سان ڪراچي ۾ ندي نالن جي صفائي جي انتظام کي بهتر ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *