دهشتگرد تائين رسائي جي ڀارتي درخواست….!

ڀارتي پرڏيهي وزير سشمان سوراج پاڪستان کان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي موت جي سزا تي نظرثاني ڪئي وڃي، ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سهيل محمود سان ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ملاقات ڪري ٻن طرفن لاڳاپن، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي ڳالهايو ڪري مطالبو ڪيو ته پاڪستاني حڪومت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي موت جي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جڏهن ته ڪلڀوشن جي ماءُ کي پاڪستان اچڻ ۽ پٽ سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ميڊيا اهي به اڳڪٿيون ڪيون ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان حوالي سان ڀارتي قومي سلامتي جو صلاحڪار اجيت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري جي شنڪر به پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪندا. پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير سميت سمورن تڪرارن کي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ڀارت ڪشميرين جي حق خود اراديت کي تسليم ڪري، ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن تحت حل ٿيڻ گهرجي. ڀارت پنهنجي فورسز کي لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊي تي فائربندي معاهدي جي پاسداري جو پابند بڻائي، معصوم شهرين تي گولاباري ۽ بنا جواز فائرنگ کي برداشت نٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *