پي آءِ اي حج آپريشن: 12 هزار حاجي سڳورا واپس پاڪستان پهچي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي آءِ اي جو 8 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ حج بعد آپريشن آچر ڏينهن به جاري رهيو، ان دوران 5 2 خاص حج اڏامن ذريعي اٽڪل 2 1 هزار حاجي سڳورن کي واپس پاڪستان پهچايو ويو. آچر ڏينهن پي آءِ اي ترجمان موجب ڪراچي لاءِ 4 اڏامن ذريعي 1600، لاهور لاءِ 9 اڏامن ذريعي 4000 ، اسلام آباد لاءِ 5 اڏامن ذريعي 2200 ، پشاور لاءِ 3 اڏامن ذريعي 1100 ۽ ڪوئيٽا لاءِ 3 اڏامن ذريعي 100 حاجين کي وطن پهچايو ويو آهي. انهن خاص اڏامن کان علاوه پي آءِ اي جي شيڊول اڏامن ذريعي به حاجي ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ملتان پهچي رهيا آهن. ترجمان ٻڌايو ته پي آءِ اي اهو واحد ايئر لائين آهي جنهن جا جهاز جدي پهچڻ بعد گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ واپس وطن روانا ٿي رهيا آهن ۽ اڏامن جي جدي کان بروقت روانگي جي شرح 0 8 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. حج ٽرمينل تي پي آءِ اي جا آفيشلز ۽ اسڪائوٽس حاجين جي لڳاتار رهنمائي ڪري رهيا آهن ۽ پي آءِ اي جي موجودگي حج ٽرمينل تي سڀ کان وڌيڪ نظر اچي رهي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته اميد ڪئي پئي وڃي ته اڳين هڪ ٻن ڏينهن ۾ جدي ٽرمينل تي رش ۾ گهٽتائي اچي ويندي، هن وقت 0 5 کان وڌيڪ ايئر لائينز جون 0 0 1 کان وڌيڪ اڏامون هر ڏينهن روانيون ٿي رهيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *