10فوجي عدالتون ڪجهه هفتن ۾ ڪم  شروع ڪنديون، سي پيڪ لاءِ 2 هزار اهلڪارن جي فورس تيار ڪئي ويندي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان وضاحت ڏيندي صوبائي سڌ سماءُ واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو ته ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾  ڪيترن ئي ڳالهين جو جائزو ورتو ويو،اجلاس سٺي ماحول ۾ ٿيو،سنڌ جا ويري اڄ مايوس ٿيا آهن،سندس چوڻ هو ته 10 فوجي عدالتون ڪجهه ئي هفتن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪنديون.سي پيڪ لاءِ 2 هزار اهلڪارن جي فورس تيار ڪئي ويندي،ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪليا ويا آهن،جڏهن ته ٽن ڪيسن تي ڪم پورو ڪيو ويو آهي،ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي آئي آهي،شاهدن جي تحفظ لاءِ سيف هائوس بڻايا ويندا،روڳو ڏوهه ئي نه پر پٺڀرائي ڪندڙن کي به نه ڇڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *